ٽنڊو رحيم خان (ن پ ا) ٽنڊي رحيم خان ۾ شهرين پاران بجلي جي عدم فراهمي خلاف احتجاجي مظاهرو ڪري  نعري بازي  ڪئي وئي. احتجاجي مظاهرو ڪندڙ ڪامريڊ امين  جمالي غلام نبي جمالي ظفر لاشاري ۽ ٻين چيو ته سيپڪو عملي گذريل پنجن سالن کانa ٽنڊو رحيم خان جي بجلي ڪٽي ڇڏي آهي. هنن الزام هڻندي چيو ته بجلي ڪٽرائڻ بعد سيپڪو عملي ٽنڊو رحيم خان ڏانهن ايندڙ 11 هزار وولٽيج جو تارون به پاڻ چوري ڪرائي ڇڏيون جيئن ٽنڊو رحيم واسين کي بجلي کان هميشه لاء محروم بڻائجي، هنن واپڊا سيڪريٽري سيپڪوچيف  سميت وس وارن کان گهر ڪندي چيو تہ ٽنڊو رحيم خان واسين سان سيپڪو عملي جي ڏاڍائين جو نوٽيس ورتو وڃي،