حيدرآباد (بيورو رپورٽ) پڪي قلعي واري علائقي ۾ پيرسن عورت پراسرار نموني گهر ۾ سڙي زخمي ٿيڻ بعد اسپتال ۾ فوت ٿي وئي. فورٽ ٿاڻي جي  پوليس جو چوڻ آهي ته فوتي عورت جو لاش ضروري ڪارروائي بعد سول اسپتال مان  وارثن حوالي ڪيو ويو, ايس ايڇ او فورٽ موجب فوتي عورت 65 سالن جي رئيسا زال نور محمد يوسفزئي بابت سندس پٽ جو چوڻ آهي ته هن مبينا طور پاڻ کي باه ڏيئي آپگهات ڪيو آهي سندس والده شروعاتي طور  باهه لڳڻ سبب سڙي زخمي ٿي  جنهن کي علاج لاءِ انهن سول اسپتال منتقل ڪيو جتي هو زخمن جا سور نه سهندي فوت ٿي, علائقي ۾ افواه آهن ته پڪي قلعي جي گهٽي نمبر 4 ۾ رهندڙ فوتي عورت جي نالي تي ڪجهه ملڪيت هئي جنهن تان وارثن ۾ ڪافي عرصي کان تڪرار به هلندڙ آهي.  ان لاءِ جيڪڏهن وارثن مان ڪو ٿاڻي پهچي معاملي جي جاچ لاء شڪايت داخل ڪرائيندو ته جاچ شروع ڪئي ويندي.