ڪراچي(رپورٽ: حبيب جمالي) ڪراچي ۾ اڳوڻي ڊي سي جي پٽ هٿان پوليس اهلڪار جي قتل وارو معاملو، جوابدار جي پرڏيهه فرار ٿيڻ ۾ سهولتڪاري ڪندڙ سندس سالو ۽ ڊرائيور گرفتار، 4 رڪني ٽيم به جوڙي وئي،  جوابدار کي ڏيهه واپس آڻڻ لاءِ انٽرپول ۽ سوئڊش قونصل خاني سان رابطو، ان ڏس ۾ ڊفينس فيز 5 ۾ اڳوڻي ڊپٽي ڪمشنر نثار احمد جو پٽ خرم نثار تڪرار بعد پوليس اهلڪار عبدالرحمان کي قتل ڪري استنبول رستي سوئيڊن فرار ٿي ويو هو. سائوٿ پوليس پرڏيهه فرار ٿيڻ ۾ سهولتڪاري جي الزام هيٺ جوابدار جي سالي عامر قادر ۽ ڊرائيور کي گرفتار ڪري ورتو. پوليس موجب عامر قادر بيان ڏنو ته خرم نثار واردات بعد منهنجي هوٽل تي آيو،  مينيجر ذريعي مون کي گھرايو، آئون هوٽل تي آيس ته خرم چيو ته مون کي اڄ ئي ملڪ کان ٻاهر وڃڻو آهي. عامر قادر موجب خرم جي اڳ به دشمني هئي، مون سمجھيو ته ساڳيو معاملو آهي. عامر قادر موجب خرم ٻڌايو ته جھيڙو ٿيو آهي، انهي ڪري ملڪ کان ٻاهر وڃڻو آهي. عامر قادر موجب خرم اڳ ٽڪيٽ نه ورتي هئي، ايئرپورٽ تي منهنجي گھرواري به گڏ وئي، ان کي دبئي وڃڻو هو. ٻئي طرف جاچ ڪندڙ ذريعن موجب پوليس ايئر پورٽ تي مقرر  ايف آءِ اي کي جوابدار جا تفصيل صبح جو 4 لڳي 30 منٽن تي فراهم ڪيا هئا، خرم نثار 4 لڳي 11 منٽن تي ئي بورڊنگ ڪرائي ڇڏي هئي، جهاز به هڪ ڪلاڪ دير هو، جوابدار 3 ڪلاڪن تائين ايئرپورٽ تي هو، معلومات باوجود جوابدار خلاف ڪارروائي نه ڪئي وئي. پوليس ذريعن موجب مقتول اهلڪار جي ساٿي امين جي بيان ۾ به تضاد آهن، گاڏي ۾ ڇوڪري هجڻ بابت اڃا تائين ڪي مضبوط شاهديون نه مليون آهن. ٻئي طرف ايس ايس پي سائوٿ اسد رضا ٻڌايو ته سائوٿ پوليس 4 لڳي 30 منٽن تي نه پر 3 لڳي 43 منٽن تي جوابدار جا دستاويز ايف آءِ اي کي ڏئي ڇڏيا هئا. ايس ايس پي موجب جوابدار جو رڪارڊ پاڪستان ۽ سوئيڊن ۾ به ٺيڪ ناهي، جوابدار نشي ۾ به لڳي رهيو هو. هوڏانهن ڊي آءِ جي سائوٿ عرفان بلوچ ايس ايس پي سائو اسد رضا جي سربراهي ۾ ڪاميٽي جوڙي ڇڏي، ڪاميٽي ۾ ايس پي سٽي جاچ علي مردان کوسو، ايس پي ڪلفٽن احمد چوڌري، ايس آءِ او نبي بخش ۽ ايس ايچ او ڪلفٽن کي شامل ڪيو ويو، ڪاميٽي کي ٽاسڪ ڏنو ويو ته جوابدار جي سهولتڪارن کي به گرفتار ڪري هفتي ۾ رپورٽ پيش ڪئي وڃي. ڊي آءِ جي عرفان بلوچ جو چوڻ آهي ته ڊي جي پاسپورٽ کي خرم نثار جو پاسپورٽ ڪينسل ڪرڻ لاءِ به لکيو آهي، انٽرپول ۽ سوئڊن قونصل خاني سان به رابطو ڪيو ويو آهي