حيدرآباد (بيورو رپورٽ) ڪربلا جي شهيدن جي ياد ۾ اڄ يومِ عاشور 10 محرم الحرام تي حيدرآباد جي مختلف علائقن مان ذوالجناح، تعزين، علم پاڪ، سيجن، جهولن ۽ دُلدلن جا سوين  ماتمي پڙ برآمد ٿيندا. حيدرآباد پوليس پاران قدم گاهه مولا علي عه کان ڪربلا دادن شاهه تائين مرڪزي ماتمي جلوس لاءِ سمورن گهٽين ۽ رستن کي ڪنڊيدار تارون ۽ ڪناتون لڳائي سيل ڪيو ويندو، جڏهن ته پوليس پاران مرڪزي ماتمي جلوس ۾ داخل ٿيندڙ ماڻهن کي واڪ ٿرو گيٽن مان سخت تلاشي بعد اندر ڇڏيو ويندو. مختلف سماجي تنظيمن توڙي انجمنن پاران سبيلون قائم ڪري، طبي ڪئمپون قائم ڪيون وينديون جڏهن ته هنگامي صورتحال کي منهن ڏيڻ لاءِ ايمبولنسز، فائربرگيڊ عملي کي پڻ بيهاريو ويندو. جلوس جي مانيٽرنگ لاءِ سٽي ٿاڻي تي مانيٽرنگ ڪنٽرول روم قائم ڪيو ويو آهي جتان سي سي ٽي وي ڪئميرائن ذريعي سموري جلوس کي مانيٽرنگ ڪرڻ لاءِ قابل عملي کي مقرر ڪيو ويو آهي. گهڻ ماڙ عمارتن تي ڪمانڊوز کي مقرر ڪيو ويندو ته جئين اڻوڻندڙ صورتحال کي منهن ڏئي سگهجي. ٻئي پاسي اڄ  مرڪزي امام بارگاهه رضويه گل شاهه گاڏي کاتي مان قديمي مرڪزي جلوس انجمن رضويه جي زير اهتمام برآمد ٿيندو، جيڪو کوکر پاڙو، لجپت روڊ، صدر، گاڏي کاتو، حيدر چوڪ کان ٿيندو قدم گاهه مولا علي عه تي اختتام پذير ٿيندو جڏهن ته قدم گاهه مولا علي عه تان ماتمي جلوس انجمن حيدري جي زير اهتمام برآمد ٿيندا. گڏوگڏ ضلعي جي مختلف علائقن مان سون جي تعداد ۾ ننڍا وڏا ماتمي جلوس برآمد ٿيندا جيڪي روايتي رستن تان ٿيندا مرڪزي ماتمي جلوس ۾ شريڪ ٿي ويندا جنهن دوران سڄو ڏينهن زنجير زني، ماتمداري ۽ نوحه خوانيءَ جو سلسلو پڻ جاري رهندو. پڌرائي موجب الهداد چنڊ ڳوٺ مان ڪريم بخش جو پڙ شوڪت علي ميرجت جي زير اهتمام، سائين ڏنو مير جت جو پِڙ زوار محمود علي ميرجت جي زيرِ اهتمام، درگاهه اشرف علي شاهه پڪي قلعي مان ايليڪاٽ جو پڙ علي گوهر چانڊيو جي زير اهتمام، ٽنڊو مير محمود- ٽنڊو آغا مان جهولي پاڪ وارو پڙ انجمن سفينهءِ حسيني جي زير اهتمام، اسٽيشن روڊ تان مرحوم يعقوب ڪاسائيءَ جو پڙ شهنشاهه پٺاڻ ۽ گلفام پٺاڻ جي زير اهتمام، درگاهه ڇٽن شاهه بخاري تان امير شاهه بخاري جو پڙ سيد بهادر شاهه ۽ سيد محمود شاهه بخاري جي زير اهتمام، کاهي روڊ تان نهال شاهه جو پڙ سيد گل شير شاهه جي زير اهتمام، خير شاهه جو پڙ سيد مزمل عرف جاني شاهه جي زير اهتمام، ولايت علي شاهه جو پڙ سيد فرمان علي شاهه ۽ ديدار علي شاهه جي زير اهتمام، ٽنڊي ولي محمد مان بڙدين جو پڙ نواز علي بڙدي جي زير اهتمام، ريشم گهٽيءَ مان پرور شاهه جو پڙ غلام اصغر ڪيريو جي زير اهتمام، صرافه بازار مان جمن شاهه جو پڙ سيد خادم حسين شاهه جي زير اهتمام، ڦليلي پار کان ڪڇين جو پڙ محمد اسلم سمون جي زير اهتمام، ڀٽي ڳوٺ ريلوي ڦاٽڪ وٽان ڪڇين جو پڙ محمد فرخ کوکر جي زير اهتمام، ٽنڊي ٺوڙهو مان مرزا عابد حسين جو پڙ ڊاڪٽر ڪاظم رضا مرزا جي زير اهتمام، لجپت روڊ تان امام علي شاهه جو پڙ اسد علي شاهه جي زير اهتمام، امام بارگاهه زينبيه بلديه ڪالوني حر ڪئمپ مان ماتمي جلوس فقير قادر بخش جي زير اهتمام، ڳوٺ محمد خان باگراڻي ديهه شاهه بخاري لڳ ڄامشورو مان انجمن نگاههِ حُسين عه جو مرڪزي قافلو، امام بارگاهه جاگيرِ علي اڪبر عه ٽنڊو غفور شاهه جهانيان قاسم آباد مان يومِ عاشور وارو پِڙ سيد خادم حسين شاهه جهانيان جي زيرِ اهتمام، جلوس برامد ٿيندو.