تنگواڻي (ن پ ا ) تنگواڻي ۾ 9 محرم الحرام جو ماتمي جلوس امام بارگاهه  حسينيه مان برآمد ٿيو، عزادارن پاران سينا زني ڪندي مختلف چوڪ چوراهن ۾ ماتم برپا ڪيو ويو، زنجير زني ۾ ڪيترائي عزادار پڻ زخمي ٿي پيا، جڏهن ته ريلوي ٽريڪ واري روٽ تي جلوس جي صورت ۾ آيل ماتمي جلوس نهر ٿيو،  جتي شيعا عالمن پاران شهيدان ڪربلا جي زندگي تي روشني رکندي مجلس پڙهي، ماتمي جلوس جي روٽن تي سبيلن جا اسٽال لڳائي روڊ رستن کي علم سان پڻ سجايو ويو، ماتمي جلوس جي روٽن تي وڏي انگ ۾ پوليس جا اهلڪار مقرر ڪيا ويا، ماتمي جلوس جي داخلي ۽ خارجي رستن سخت چيڪنگ ۽ عام ماڻهن لاءِ رستا سيل ڪيا ويا، تعلقي 5 پوليس ٿاڻن ڊيراسرڪي،ڀٽائي ڪالوني،جمال پوليس ٿاڻي ۽ شبيرآباد پوليس ٿاڻن جا 100 کان وڌيڪ پوليس اهلڪار جلوسن جي سيڪيورٽي لاءِ مقرر ڪيا ويا،