لاڙڪاڻو (بيورو رپورٽ) لاڙڪاڻي ۾ هندو پنجائت طرفان ڪربلا جي شهيدن کي ڀيٽا پيش ڪرڻ لاءِ ڪالهه نائين محرم الحرام جي ڏينهن شهر جي رائل چوڪ تي قائم هندو ڌرم شالا  ۾ نياز جو اهتمام ڪيو ويو جنهن ۾ پاڪستان پيپلز پارٽي سنڌ جي صدر نثار احمد کهڙو، جميل احمد سومرو، ڊپٽي ڪمشنر لاڙڪاڻو طارق منظور چانڊيو، ايس ايس پي لاڙڪاڻو عمران قريشي، ايس پي هيڊڪوارٽر محمد ڪليم ملڪ، اڳوڻي ڊي آءِ جي رياض احمد سومرو، عبدالفتاح ڀٽو، لاڙڪاڻو پريس ڪلب جي صدر ظفر ابڙو، جنرل سيڪريٽري مرتضيٰ ڪلهوڙو، سينيئر صحافين حنيف سهاڳ، عبدالحفيظ منگي، خان راجا مگسي، محمد ادريس بلوچ، مشتاق تنيو، طارق چنه، عبدالقادر گوپانگ، ڪامران سانگي، مومن ڪنگو، ذيشان کوکر، علي رضا شيخ سميت سياسي، سماجي، مذهبي تنظيمن جي اڳواڻن، سول سوسائٽي جي نمائندن، وڪيلن، ڊاڪٽرن، واپارين ۽ شهرين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. ان موقعي تي هنڌو پنجائت جي اڳواڻن ڊاڪٽر امبرت لعل، ڪلپنا ديوي ۽ ٻيا پڻ موجود هئا.