ڪراچي: مرڪزي ماتمي جلوس جي سيڪيورٽي جا انتظام انتهائي سخت ڪيا ويا هئا، جلوس جي روٽ سان لڳندڙ ننڍا وڏا رستا ڪنٽينر لڳائي بند ڪيا ويا، 5047 اهلڪارن ۽ آفيسرن فرض سرانجام ڏنا، جن ۾ ايس ايس يو ڪمانڊوز، آر آر ايف جا دستا ۽ ليڊيز اهلڪار به شامل هئا، ڊي آءِ جي اوڀر ثاقب اسماعيل ۽ ڊي آءِ جي ڏکڻ جاويد اڪبر رياض ۽ ايس ايس پيز پاڻ سيڪيورٽي جو جائزو وٺندا رهيا، سي پي او ۾ قائم مانيٽرنگ سينٽر ۾ جلوس جي مانيٽرنگ ڪئي وئي. پوليس کانسواءِ رينجرز جا اهلڪار ۽ آفيسر به سيڪيورٽي تي موجود هئا. اسڪائوٽس به ذميواريون نڀايون. مرڪزي ماتمي جلوس ۾ شامل ٿيندڙن کي واڪ ٿرو گيٽ مان گذاريو ويو، عمارتن تي ماهر نشاني باز مقرر ڪيا ويا.