حيدرآباد (بيورو رپورٽ) قاسم آباد جي عبدالله ٽائون واري علائقي ۾ اڻڄاتل ڦورو اينٽي ڪرپشن جي ڊي ايس پي جي فيملي کي يرغمال بڻائي کانئن هزارين رپيا روڪ رقم ۽ سونا زيور ڦر ڪري فرار ٿي ويا آهن. ٻڌايو پيو وڃي ته ڊي ايس پي اسد علي جي فيملي عيد شاپنگ لاءِ رڪشا ۾ سوار ٿي بازار پئي وئي ته ٻن موٽرسائيڪلن تي سوار اڻڄاتل ٽن ڦورن کين عبدالله ٽائون واري علائقي ۾ هٿيارن جي زور تي يرغمال بڻايو ۽ رڪشا ۾ سوار عورتن کان 7 سونيون چوڙيون، موبائيل فون ۽ هزارين رپيا روڪ رقم ڦر ڪري فرار ٿي ويا. نسيم نگر پوليس ڊي ايس پي اينٽي ڪرپشن اسد علي جي فيملي کان ڦرلٽ جي واقعي بابت رپورٽ داخل ڪري ڇڏي آهي. پوليس ذريعن جو چوڻ آهي ته واقعي جا سي سي ٽي وي فٽيج به پوليس هٿ ڪري ورتا آهن جنهن ۾ نظر اچي رهيو آهي ته ٻن موٽرسائيڪلن تي سوار 3 ڦورو فيملي کي يرغمال بڻائي پوش علائقي ۾ ڦرلٽ ڪندي نظر اچي رهيا آهن پر ڄاڻايل علائقي ۾ بنگلن تي چوڪيداري ڪندڙ چوڪيدار توڙي اطلاع باوجود پوليس واقعي واري هنڌ نه پهتي جنهن ڪري ڦورو آساني سان ڦرلٽ ڪري فرار ٿي ويا. واضح رهي ته ڄاڻايل ٿاڻي جي حد ۾ هڪ ڏينهن اڳ شڪارپور جي زميندار محمد بخش ڀيو جي گهر مان 15 تولا سون، 5 لک رپيا روڪ رقم ۽ ٻيو قيمتي سامان چورائي ويا هئا پر پوليس واقعي کي پراڻو واقعو قرار ڏئي اڃا تائين ڪک ڀڃي ٻيڻو نه ڪيو آهي.