سکر (بيورو رپورٽ) سنڌ ھاءِ ڪورٽ بئنچ سکر ۾ خيرپور واسي طرفان وڪيل سڪندر علي جوڻيجو معرفت درخواست داخل ڪرائيندي موقف اختيار ڪيو آھي ته سندس 3 ايڪڙ کان وڌيڪ زمين تي پ پ ايم پي اي نعيم احمد کرل قابض آھي، پوليس وٽ دانھيو آھي پر پوليس انصاف ڏيڻ بجاءِ بااثر جي ونگار وھي رھي آھي ۽ منھنجي قبضي واري زمين تي پوليس پڪٽ به قائم ڪئي وئي آھي. بااثر نعيم احمد کرل پوليس معرفت زمين تي قبضو ڪيو آھي. وڪيل سڪندر جوڻيجو موجب عدالت درخواست کي ٻڌڻي جوڳو قرار ڏيندي سنڌ جي گھرو وزارت، ايڊيشنل آءِ جي سکر، ڊي آءِ جي سکر، ايس ايس پي خيرپور، ايم پي اي نعيم احمد کرل ۽ ڌر بڻايلن ڏانھن نوٽيس جاري ڪندي 18 مئي تي جواب طلب ڪري ورتو آھي.