سکر (بيورو رپورٽ) سنڌ جي نامياري تاريخدان مير رحيمداد خان مولائي شيدائي جي نياڻي خالد ڪرم ۽ امير علي مينگل جي والده 75 ورھين جي عمر ۾ لاڏاڻو ڪري وئي آھي، سندس جنازي نماز بئراج ڪالوني ورڪ شاپ روڊ سکر ۾ ادا ڪئي وئي، جنهن ۾ شاعرن، اديبن ۽ شھرين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي، سندس جنازو ساڳي ئي گهر مان ڪڊيو جتان سندس والد مير رحيمداد خان جنازو نڪتو ھو، مرحومه کي نئين پنڊ واري قبرستان ۾آلين اکين سان مٽي ماءُ حوالي ڪيو ويو.