هالا (ن پ ا) هالا ۾ مخدوم غلام محي الدين جي پڦي جي وفات جي ٽيجھي تي مرحوم مخدوم محمد امين فهيم، مخدوم خليق الزمان، مخدوم سعيدالزمان، مخدوم رفيق الزمان جي ڀيڻ ۽ درگاهه سرورنوح جي گادي نشين ۽ ميمبر قومي اسيمبلي مخدوم جميل الزمان جي پڦي ڪجهه عرصو علالت ۾ هجڻ بعد هن فاني دنيا مان لاڏاڻو ڪري ويئي آهي، مرحومه جي فوتگي جي اطلاع تي مخدوم هائوس جي اٺاس بنگلي تي تڏو وڇايو ويو، ان سلسلي ۾ مخدوم محبوب الزمان جي پي اي ميرمسرت جعفري مقامي صحافين کي اپيل ڪندي کين مخدوم جميل الزمان جي پڦي جي وفات تي ميڊيا ذريعي ملڪ جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ رهندڙ سروري مريدن، عقيدتمندن، پارٽي عهديدارن ۽ سندن چاهيندڙن کي ڪرونا جي وڌندڙ لهر سبب کين مرحومه جي وفات تي نه اچڻ ۽ ڪرونا کان بچاء لاءِ قدم کڻڻ جو چيو آهي، ٻئي طرف مرحومه جي جنازي نماز رات جو دير سان درگاهه سرور نوح جي احاطي ۾ ادا ڪئي ويئي، جنازي نماز ۾ مخدوم خاندان جي فردن سميت علمدار هائوس جي اڳواڻ سميت ويجھن مائٽن ۽ خليفن سميت معززین ايس او پيز تي مڪمل عمل ڪندي جنازي نماز ۾ شرڪت ڪئي.