حيدرآباد/ ٽنڊو آدم ( نمائندن وٽان )  حيدرآبادجي قاسم آباد واري علائقي جي يونين ڪائونسل نمبر 140 ۾ ڪتي جي ڏاڙهڻ سبب 5 سالن جي نينگري صائمه ڌيءُ مشتاق شيخ زخمي ٿي پئي. زخمي ٿيل نينگري کي علاج لاءِ اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي. هوڏانهن ٽنڊو آدم ۽ ڀرپاسي رولو  ڪتن 8 ڄڻن جن ۾ نيو سٽي ۾ ٻن ڄڻن 10 ورهين جي ابوبڪر ۽ 10 ورهين جي سجاد علي، ڳوٺ نياز حسين مري ۾ 10 ورهين جي مرتضيٰ، ڳوٺ پيرل ماڪوڙاڻي ۾ 20 ورهين جي ذوهيب، ڄام نواز علي ۾ 40 ورهين جي خادم حسين، ڳوٺ غازي خان ڪاتيار ۾ 3 ڄڻن 20 ورهين جي صائمه ، 50 ورهين جي سوني ۽ 8 ورهين جي فضا کي ڏاڙھي زخمي ڪري وڌو جن کي تعلقي اسپتال آندو ويو جتي ملم پٽي بعد کين روانو ڪيو ويو