ڪنڊيارو (رپورٽ: وحيد ميمڻ) ڪنڊيارو ڀرسان گهرن ٻاهران معصوم نينگري جو تشدد ٿيل لاش هٿ، وارثن پاران پراڻي تڪرار تان مخالفن تي قتل ڪرڻ جو الزام، واقعي جو ڪيس داخل نه ٿيو، خبر موجب ڪنڊيارو ڀرسان ڳوٺ ڪبير گهانگهرو ۾ 10 سالن جي نينگري جميلا گهانگهرو جو مبينا تشدد ٿيل لاش گهرن ٻاهران هٿ آيو، اطلاع تي وارثن پهچي نينگري جو لاش تعلقه اسپتال ڪنڊيارو منتقل ڪيو، جتان ضروري ڪارروائي بعد مڙهه وارثن حوالي ڪيو ويو، جيڪي ڳوٺ کڻائي ويا، ان سلسلي ۾ نينگري جي والد وزير گهانگهرو ٻڌايو ته نينگري گهر جي عورتن سان ڦٽين جي چونڊي تي ويل هئي، جنهن بعد خبر پئي ته گهرن ٻاهران سندس لاش پيل آهي، هن الزام هنيو ته مائٽن سان پراڻو تڪرار هلندڙ آهي، نياڻي کي انهن تشدد ڪري قتل ڪيو آهي، هن چيو ته قتل ۾ ملوث جوابدارن کي گرفتار ڪري انصاف فراهم ڪيو وڃي، ٻئي پاسي ايس ايچ او ڪنڊيارو جو چوڻ آهي ته وارثن مائٽن تي قتل جو الزام هنيو آهي، وڌيڪ جاچ ڪئي پئي وڃي، آخري اطلاعن تائين واقعي جو ڪيس داخل نه ٿي سگهيو هو ۽ نه ئي ڪا گرفتاري عمل ۾ اچي سگهي هئي،