حيدرآباد (بيورو رپورٽ) حيدرآباد ويجهو راهوڪي ٿاڻي جي حد مرڙاڻي ڳوٺ ۾ معمولي ڳالهه تان باگڙي ۽ ماڇي برادريءَ جي ٻن ڌرين ۾ جهيڙو ٿي پيو. جهيڙي دوران ڪهاڙيون ۽ ڏنڊا لڳڻ سبب ٻنهي ڌرين جا ٻن عورتن سميت 9 ڄڻا زخمي ٿي پيا. اطلاع تي پهچي زخمين کي علاج لاءِ سول اسپتال منتقل ڪيو. پوليس جو چوڻ آهي ته باگڙي ڌر جي زخمين ۾ وزير، بچايو، پهلاج، راجا ۽ عورت سيتا شامل آهن، جڏهن ته ماڇي ڌر جي زخمين ۾ نديم، امتياز ۽ مسمات رضيه شامل آهن جن کي علاج لاءِ ليٽر ڏئي اسپتال پهچايو ويو آهي. پوليس موجب واقعو ٻارن جي ڳالهه تان پيش آيو. ٻنهي ڌرين جا شروعاتي بيان وٺي رپورٽ داخل ڪري معاملي جي جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي. هوڏانهن سول اسپتال جي انتظاميا جو چوڻ آهي ته زخمين مان 3 ڄڻن جي حالت ڳڻتي جوڳي آهي.