ڀٽ شاهه (ن پ ا)  جاگيرداري ۽ سرداري نظام نامنظور  ڀٽ شاھ ۾ سول سوسائٽي، وڪيلن، صحافين ۽ سياسي سماجي ڌرين پروفيسر اجمل ساوند، صدام لاشاري جي قتل ۽ پريا ڪماري جي اغوا خلاف احتجاج ڪيو ويو.  آهي جي ڊبليو سي جي سڏ تي سوين ماڻهن پاران هٿن ۾ پلي ڪارڊ کڻي ريلي ڪڍي ڀٽائي جي در تي دانهن ڏني وئي آهي ريلي ۾ جسقم، فنڪشنل ليگ، ايس يو پي، ايس ٽي پي، نواز ليگ، جي يو آئي، پيپلزپارٽي شهيد ڀٽو ۽ ٻين تنظيمن جا اڳواڻ ۽ ڪارڪن به وڏي انگ ۾ شريڪ ٿيا. پيرآف ڀٽ شاھ گداحسين شاھ، نصير احمد ميمڻ، ذوالفقار خاصخيلي، ظفر هڪڙو، شوڪت نوناري، ممتاز ٻلال، عبدالرشيد ڏيٿو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ريلي ڪڍي پروفيسر اجمل ساوند جي خون سان انصاف، صدام لاشاري جي قاتلن جي گرفتاري ۽ پريا ڪماري جي بازيابي جو مطالبو ڪيو ويو. اڳواڻن جو چوڻ هو ته سنڌ ۾ بدامني چوٽ چڙهيل آهي، جاگيردارن ۽ ڀوتارن آڏو انتظاميا بي وس بڻجي وئي آهي، سنڌ ۾ عوام محفوظ ناهي ظلم ۽ ناانصافين خلاف ميدان تي نڪتا آهيون، پروفيسر اجمل ساوند ۽ صدام لاشاري جي قتل ۽ پريا ڪماري جي اغوا خلاف ڀٽائي جي در تي دانهن ڏيڻ پهتا آهيون.