حيدرآباد (بيورو رپورٽ) حيدرآباد جي عدالت  نوجوان تي مبينا حملي واري ڪيس مان 2 جوابدار ڀائرن جي ضمانت منظور ڪري ڇڏي آهي. جوابدار محمد نديم مغل ۽ محمد نعيم مغل وڪيل مير محمد نهڙي معرفت ضمانت لاءِ ايٽٿ ايڊيشنل سيشن جج جي عدالت ۾ درخواست داخل ڪرائي هئي. وڪيل عدالت کي آگاهي ڏني ته حملي ۾ زخمي ٿيل آصف کرل نالي نوجوان پاڻ گولي هڻي ڊرامو ڪيو آهي. سندس اڳ ۾ ئي خرم شهزاد سان ڏيتي ليتي تي تڪرار هلندڙ آهي، جڏهن ته زخمي خلاف اڳ ئي هڪ ڪيس به داخل ٿيل هو، جنهن ۾ هو جوابدار آهي. جنهن کان بچڻ لاءِ هن پاڻ کي زخمي ڪيو. عدالت وڪيل جا دليل ٻڌڻ بعد ٻنهي ڀائرن جي 30-30 هزار رپين جا مچلڪن عيوض ضمانت منظور ڪندي سندن آزادي جو حڪم ڏنو.