حيدرآباد (بيورو رپورٽ) سول جج جڊيشل  مئجسٽريٽ نمبر 3 جي عدالت 2 نينگرن جي قتل ڪيس ۾ گرفتار جوابدار کي 5 ڏينهن جي جسماني رمانڊ تي ڦليلي پوليس حوالي ڪري ڇڏيو آهي، گذريل ڏينهن پوليس گرفتار جوابدار فيصل يوسفزئي کي رمانڊ لاءِ عدالت ۾ پيش ڪيو. پوليس عدالت ۾ درخواست جمع ڪرائي ته جوابدار کان جاچ ڪرڻي آهي ان لاءِ سندس رمانڊ منظور ڪيو وڃي. عدالت پوليس جي درخواست منظور ڪندي جوابدار کي پوليس حوالي ڪندي ٻيهر کيس 18 مئي تي پيش ڪرڻ جو حڪم ڏنو. هفتو اڳ جهيڙي دوران فائرنگ ۾ 11 ورهين جي عبدالمعيز آرائين ۽ 10 ورهين جي نينگر عليان قريشي جي قتل ڪيسن ۾ نامزد مک جوابدار فيصل يوسفزئي کي پوليس ٻه ڏينهن اڳ گرفتار ڪيو هو. ڪيس ۾ نامزد سندس 2 ڀائر يونس عرف قالو ۽ احمد عرف جيجا لاڳيتو پوليس کي هٿ نه اچي سگهيا آهن. 6 مئي تي پڪوڙا وڪرو ڪندڙ فيصل يوسفزئي ۽ جاويد بلوچ ڌرين ۾ پڪوڙا وٺڻ واري معاملي تي جهيڙو ٿيو جنهن دوران فائرنگ ۾ 2 نينگر مارجي ويا هئا.