حيدرآباد: دهشتگردي جي انت واري عدالت قومپرست پارٽيز سان واسطو رکندڙ 87 اڳواڻن ۽ ڪارڪنن جي ضمانت منظور ڪري ورتي

ڇڇر پوليس جڊيشل رمانڊ پورو ٿيڻ بعد گرفتار ڪارڪن ۽ اڳواڻن کي سينٽرل جيل مان خاص عدالت پهچايو

پوليس 26 اپريل تي مختلف قومپرست تنظيمن جي 167 اڳواڻن ۽ ڪارڪنن خلاف دهشتگردي جو ڪيس داخل ڪيو هو

جسقم ٺٽي جي اڳوان پير گلزار شاهھ جيلاني، محمد علي اڄڻ، اياز ديشي، فرمان عباس، امتياز علي سميت 87 گرفتار ڪارڪنن جي ضمانت لاءِايڊووڪيٽ مير احمد مڱريو، اندر جيت لوهاڻو، ايڊووڪيٽ غلام الله چانگ ۽ ٻيا وڪيل پڻ عدالت ۾ پيش ٿيا

عدالت دليل ٻڌڻ بعد قومپرست ڪارڪنن ۽ اڳواڻن جي 20-20 ھزار رپين جي مچلڪن عيوض ضمانت منظور ڪئي