حيدرآباد: سنڌ هاءِ ڪورٽ عمر قيد جي سزا ٻڌايل جوابدار کي بري ڪري ڇڏيو

0
203
وڏي وزير جي ٻيڙي جو تيل

حيدرآباد (بيورو رپورٽ) سنڌ هاءِ ڪورٽ سرڪٽ بئنچ قتل ڪيس ۾ عمر قيد جي سزا ٻڌايل جوابدار جي سزا وارو فيصلو ڪالعدم قرار ڏيندي کيس بري ڪري ڇڏيو آهي

جوابدار ارباب شاهه کي 11 اپريل 2018ع ۾ ايڊيشنل سيشن جج ٽنڊو آدم ڏوهه ثابت ٿيڻ تي عمر قيد جي سزا ٻڌائي هئي

14 جنوري 2002ع تي محبوب علي ڪوري ٽنڊو آدم ٿاڻي تي پنهنجي والد علي محمد عرف علڻ ڪوري جي قتل جو ڪيس داخل ڪرايو هو، جنهن ۾ هن چيو  هو ته جوابدار سندس والد کي معمولي ڳاله تان گوليون هڻي قتل ڪيو

وڪيل ولي محمد کوسو دليل ڏيندي چيو ته واقعو رات جو پيش آيو پوءِ جوابدار جي سڃاڻپ ڪيئن ٿي، ٽن شاهدن به شاهديون تبديل ڪيون هيون، مقتول جا ڪپڙا توڙي ٻي پراپرٽي سيل نه ڪئي وئي

عدالت وڪيل جا دليل ٻڌڻ بعد جوابدار کي آيل سزا وارو فيصلو ڪالعدم قرار ڏيندي کيس بري ڪري ڇڏيو