سپريم ڪورٽ جي رجسٽرار پاران عدالت جي آڊٽ جا تفصيل ڏيڻ کان انڪار

0
202
آڊٽ جا تفصيل ڏيڻ کان انڪار
سپريم ڪورٽ جي رجسٽرار پاران عدالت جي آڊٽ جا تفصيل ڏيڻ کان انڪار

اسلام آباد: سپريم ڪورٽ جي رجسٽرار، سپريم ڪورٽ جي آڊٽ جا تفصيل ڏيڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو.  سپريم ڪورٽ جي رجسٽرار شهري مختار احمد علي کي جوابي خط لکي ڇڏيو

رجسٽرار جواب ڏنو ته معلومات تائين رسائي ايڪٽ تحت سپريم ڪورٽ کي معلومات فراهم نه ٿا ڪري سگهون، انفارميشن تائين رسائي ايڪٽ 2017 تحت سپريم ڪورٽ عوامي ادارو ناهي

رجسٽرار سپريم ڪورٽ چيو آهي ته قانون سازن سپريم ڪورٽ کي ڄاڻايل ايڪٽ تحت پبلڪ باڊي جي تعريف ۾ شامل ناهي ڪيو

سپريم ڪورٽ اطلاعات تائين رسائي ايڪٽ جي دائري ۾ نه ايندي آهي.شهري مختيار احمد علي 29 نومبر 2021 تي سپريم ڪورٽ ۾ آڊٽ جي معلومات لاءِ درخواست ڏني هئي