حيدرآباد (بيورو رپورٽ) ڪرپشن جي خاتمي واري خاص عدالت لطيف آباد جي مختيارڪار جي گرفتاري کان اڳ واري عبوري ضمانت ۾ 15 ڏينهن جي واڌ ڪري ڇڏي آهي، اينٽي ڪرپشن پوليس هفتو اڳ لطيف آباد جي رهواسي بدرالدين نالي شخص جي فرياد تي مختيارڪار ماجد سپيو خلاف مبينا طور رشوت وٺڻ جو ڪيس داخل ڪيو هو. مختيارڪار پنهنجي وڪيل ذوالفقار عباسي معرفت عدالت ۾ گرفتاري کان اڳ واري عبوري ضمانت لاءِ درخواست داخل ڪرائي هئي، عدالت وڪيل جا دليل ٻڌڻ بعد مختيارڪار جي هڪ لک رپين جي مچلڪن عيوض عبوري ضمانت منظور ڪئي، گذريل ڏينهن مختيارڪار پڪي ضمانت ڪرائڻ لاءِ عدالت پهتو پر سنڌ بار ڪائونسل جي ميمبر تي مبينا طور ٿيل حملي خلاف وڪيلن پاران عدالتي بائيڪاٽ سبب سندس ڪيس جي شنوائي نه هلي سگهي، مختيارڪار جي وڪيل موجب عدالت ڪيس جي شنوائي 16 آگسٽ تائين ملتوي ڪري ڇڏي آهي، واضح رهي ته لطيف آباد واسي مبينا طور زمين جا کاتا ٺاهڻ لاءِ مختيارڪار پاران 2 لک رپيا رشوت طلب ڪرڻ تي اينٽي ڪرپشن پوليس وٽ پهچي مختيارڪار خلاف ڪيس داخل ڪرايو هو.