ميرپورخاص/جيڪب آباد (نمائندن وٽان) سنڌ بار ڪائونسل جي ميمبر ۽ سينيئر وڪيل تي حملي خلاف ڊسٽرڪٽ بار ايسوسيئيشن پاران مظفر علي رند، زاھد حسين سومرو، مصري خان جکراڻي، راجا رياض راجپوت، امداد جمالي، عبدالرحمان مغل ۽ صوفيا سرفراز جي اڳواڻي ۾ عدالتي ڪارواين جو بائيڪاٽ ڪري احتجاج ڪيو ويو، وڪيلن جو چوڻ ھو ته ڪشمور ڪنڌڪوٽ جي وڪيل عبدالغني بجاراڻي کي جوابدارن حملو ڪري زخمي ڪيو، هنن چيو ته ڪيس داخل ٿيڻ باوجود ڪشمور پوليس اڃا تائين جوابدارن کي گرفتار ناھي ڪيو، هنن مطالبو ڪيو ته جوابدار گرفتار ڪري مسئلو حل ڪيو وڃي. هوڏانهن ميرپور خاص ۾ سنڌ بار جي ميمبرن پاران مير نعيم ٽالپر، پرويز اختر ٽالپر ۽ مسعود لغاري جي اڳواڻي ۾ عدالتي ڪاررواين جو بائيڪاٽ ڪيو ويو.