دادو (رپورٽر ) ڊسٽرڪٽ بار دادو جي وڪيلن ۽ دادو ججز جي بئنچ ۾ تڪرار تيز کانپوءِ ڊسٽرڪٽ بار دادو جو هنگامي اجلاس صدر وڪيل فيض محمد پيرزادو جي صدارت ۾ ٿيو، جنهن ۾ دادو، ميهڙ ، ڪي اين شاھ ۽ جوهي جي وڪيلن شرڪت ڪئي، اجلاس دوران متفق راءِ سان ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج، فورٿ ايڊيشنل سيشن جج ۽ سينئر سول جج خلاف ريزوليشن پاس ڪري، سپريم ڪورٽ آف پاڪستان جي چيف جسٽس ۽ سنڌ هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس کان دادو بئنچ جي ججز کي هٽائڻ جو مطالبو ڪري ڇڏيو آهي ۽ دادو بار جي صدر وڪيل فيض محمد شاھ ، جنرل سيڪريٽري نويد احمد ميمڻ جي اڳواڻي ۾ وڏي انگ ۾ وڪيلن پاران دادو بار آڏو احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو، ان موقعي تي بار جي صدر وڪيل فيض محمد شاھ ٻڌايو ته ڊسٽرڪٽ سيشن جج دادو ، فورٿ ايڊيشنل سيشن جج ۽ سينئر سول جج دادو وڪيلن ۽ عوام جو اعتماد وڃائي ويٺا آهن، ان لاءِ دادو بار سندن خلاف اتفاق راءِ سان ريزوليشن پاس ڪري چيف جسٽس سپريم ڪورٽ آف پاڪستان ۽ سنڌ هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس کان مطالبو ڪيو آهي ته ٽنهي ججز کي دادو مان هٽايو وڃي.