حيدرآباد سان تعلق رکندڙ حوريه اميري جي مختصر دستاويزي فلم بين الاقوامي اداري جي طرفان گلوبل اسٽوري ٽيلنگ ڪمپيٽيشن 2021 ايوارڊ جي لاءِ چونڊجي وئي، بين الاقوامي مقابلي ۾ پاڪستان، ڀارت، بنگلاديش، انڊونيشيا ايران ۽ سربيا سوڌو يورپ جي 37 ملڪن جي 400 ماڻهن حصو ورتو، حوريه اميري پنهنجي مختصر دستاويزي فلم ۾ حيدرآباد سوڌو پاڪستان ۾ کاري پاڻي جي فراهمي، صحت ۽ صفائي جي کوٽ، ڪچري ۽ ان سان پکڙجڻ وارين بيمارين جي نشاندهي ڪئي هئي، حوريه اميري جي دستاويزي فلم سوڌو ٻين دستاويزي فلمن جون تصويرون ورچوئل آرٽ گيلري ۾ رکيون ويون، نجي ٽي وي سان ڳالهائيندي حوريه اميري جو چوڻ هو ته هن کي دستاويزي فلم تي ايوارڊ سان گڏ 2500 ڊالر ۽ اسڪالرشپ به ڏيڻ جو اعلان ڪيو ويو آهي، حوريه اميري نه صرف حيدرآباد پر پاڪستان جي مسئلن کي دنيا ۾ اجاڳر ڪري پنهنجو حصو وجهي ڇڏيو، پر حڪومت ڪڏهن انهن مسئلن کي حل ڪندي، شهرين جو هن کي انتظار آهي..