اسلام آباد (بيورو رپورٽ) سپريم ڪورٽ نواز ليگ جي اڳواڻ حمزه شهباز  جي گرفتاري کان اڳ آگاهه ڪرڻ وارو لاهور هاءِ ڪورٽ جو حڪم ڪالعدم قرار ڏئي ڇڏيو. جسٽس اعجاز الاحسن جي سربراهي ۾ 3 رڪني بينچ نيب طرفان حمزه شهباز بابت لاهور هاءِ ڪورٽ جو حڪم چئلينج ڪرڻ جي درخواست تي ٻڌڻي ڪئي.سپريم ڪورٽ پنهنجي حڪم نامي ۾ چيو آهي ته گرفتاري کان اڳ جوابدار کي آگاهه ڪرڻ جي قانون ۾ ڪابه شرط نه آهي. گرفتاري کان اڳ آگاهه ڪرڻ جو لاهور هاءِ ڪورٽ جو حڪم قانون جي خلاف آهي.عدالت وڌيڪ چيو ته حمزه شهباز کي گرفتار ڪرڻ کان 10 ڏينهن اڳ ٻڌائڻ جو حڪم بطور عدالتي مثال طور استعمال نه ڪيو وڃي. سپريم ڪورٽ لاهور هاءِ ڪورٽ جو حڪم غير موثر هجڻ جي بنياد تي اُڪلائي ڇڏيو.ياد رهي ته لاهور هاءِ ڪورٽ حمزه شهباز کي گرفتاري کان اڳ آگاهه ڪرڻ جو حڪم ڏنو هو. عدالت اهو حڪم صاف پاڻي، رمضان شوگرملز ۽ آمدني کان وڌيڪ اثاثن جي ڪيس ۾ ڏنو هو.