اسلام آباد (بيورو رپورٽ) قومي اسيمبلي جي اجلاس ۾ حڪومتي توڙي اپوزيشن جي ميمبرن نئين آرمي چيف ۽ چيئرمين جوائنٽ چيفس آف اسٽاف ڪاميٽي جي مقرري تي کين مبارڪون ڏيندي نئين آرمي چيف کان مطالبو ڪيو آهي ته رٽائرڊ ٿيندڙ آرمي چيف جي اعلان تحت فوج جي سياست ۾ مداخلت نه ڪرڻ واري پاليسي تي عمل جاري رکيو وڃي، فوج پاران سياست ۾ مداخلت نه ڪرڻ جو عمل 22 ڪروڙ عوام کي محسوس به ٿيڻ گهرجي، قومي اسيمبلي جو اجلاس ڪالهه اسپيڪر راجا پرويز اشرف جي صدارت ۾ ٿيو، اجلاس ۾ اپوزيشن ليڊر راجا رياض نئين آرمي چيف جنرل عاصم منير کي مقرري تي مبارڪباد ڏيندي چيو ته اميد آهي ته اهو سٺو ڪم ڪندو، اپوزيشن ليڊر راجا رياض نئين آرمي چيف ۽ چيئرمين جوائنٽ چيفس آف اسٽاف ڪاميٽي جي مقرري جي صدر پاران منظوري ڏيڻ کان لاعلمي جو مظاهرو ڪندي چيو ته ان حوالي سان شرارت ٿي رهي آهي،صدر کي چيو پيو وڃي ته سمري کي روڪيو وڃي، جنهن تي حڪومتي توڙي مخالف ڌر جي ميمبرن اپوزيشن ليڊر کي ٻڌايو ته صدر ٻنهي عهدن تي منظوري ڏئي چڪو آهي، جنهن کانپوءِ اپوزيشن ليڊر راجا رياض چيو ته جيڪڏهن صدر منظوري ڏئي ڇڏي آهي ته ان جو به ٿورو ادا ڪريان ٿو، پيپلزپارٽي جي علي موسيٰ گيلاني چيو ته وزيراعظم کي اڳوڻي صدر آصف زرداري ۽ ٻين اتحادين اهم عهدن تي مقرري جو مينڊيٽ ڏنو، انهن مقررين تي حڪومت کي مبارڪ ڏيون ٿا، جڏهن ته جماعت اسلامي جي ميمبر عبدالاڪبر چترالي چيو ته سينارٽي تي آرمي چيف ۽ چيئرمين جوائنٽ چيفس آف اسٽاف ڪاميٽي مقرر ڪرڻ آئين جي بالادستي جو واضح مثال آهي، آرمي چيف کي مقرري تي مبارڪ ڏيان ٿو، اميد ڪريون ٿا ته اهو پيشيوراڻين صلاحيتن کي استعمال ڪري سرحدن تي خطرن کي ختم ڪندو ۽ ملڪ جي مضبوطي ۾ ڪردار ادا ڪندو، هن چيو ته رٽائرڊ ٿيندڙ آرمي چيف جنرل باجوا چيو آهي ته گذريل سال فيبروري ۾ پاڪ فوج سياست ۾ مداخلت نه ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي، فوج جي سياست ۾ مداخلت نه ڪرن جو مامرو 22 ڪروڙ عوام کي عملي طور نظر به اچڻ گهرجي، ان حوالي سان هاڻي سياستدانن جو به امتحان آهي، نيوٽرل کي گار نه بڻائڻ گهرجي ها، هن چيو ته جڏهن کان پاڪ فوج سياست ۾ مداخلت نه ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي، تڏهن کان ايجنسين جون فون ڪالز به نه ٿيون اچن، پهريان اسيمبلي ۾ جڏهن هڪ بل منظور ٿي رهيو هو ته مون کي هڪ ڏينهن ۾ ايجنسين جون 11 فونون آيون، هڪ ڀيرو ته رات جو دير سان فون آئي، هاڻي فونون نه اچڻ مان لڳي ٿو ته فوج سياست کان پاسو ڪري چڪي آهي، سياست ۾ مداخلت سان فوج بدنام ٿئي ٿي، نئين آرمي چيف کي رٽائرڊ ٿيندڙ آرمي چيف پاران سياست ۾ مداخلت نه ڪرڻ واري پاليسي تي عمل کي اڳتي وڌائڻ گهرجي، پيپلز پارٽي جي اقليتي ميمبر عامر جيوا آرمي چيف جو نالو کڻي ويو، جنهن تي هڪ ميمبر کيس درست ڪندي هڪ غير مناسب جملو استعمال ڪيو جيڪو سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي ويو آهي.