اسلام آباد (بيورو رپورٽ) اي سي سي 2023ع لاءِ حج پاليسي جي به منظوري ڏئي ڇڏي،  اي سي سي جي اجلاس بعد جاري ڪيل پڌرائي موجب مذهبي مامرن جي وزارت حج پاليسي 2023 منظوري لاءِ پيش ڪئي جيڪا منظور ڪئي وئي، اي سي سي 2023 جي حج لاءِ ڪرنسي ڪور طور 9 ڪروڙ رپين جي فراهمي جي منظوري ڏني جڏهن ته اي سي سي هن سال پاڪستان لاءِ حج ڪوٽا 1 لک 79 هزار 210 تحت عازمين حج وڃي سگهندا، اي سي سي ڪوٽا مان 50 سيڪڙو  سرڪاري ۽ 50 سيڪڙو نجي شعبي جي ڪوٽا مقرر ڪري ڇڏي، اي سي سي ڏکڻ ريجن يعني ڪراچي ،حيدرآباد، ڪوئيٽا سکر لاءِ 2023 جي سرڪاري حج اسڪيم تحت خرچ 11 لک 65 هزار مقرر ڪرڻ ۽ نادرن ريجن لاءِ يعني لاهور ،ملتان ، اسلام آباد ، پشاور ،ملتان لاءِ حج خرچ 11 لک 75 هزار مقرر ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي، ياد رهي ته سال 2022 ۾ ڏکڻ ريجن لاءِ حج خرچ 7لک 91 هزار 337 ۽ نادرن ريجن لاءِ 8 لک 387 رپيا مقرر ڪيا ويا هئا.