اسلام آباد(بيورو رپورٽ) پي ڊي ايم  سربراھه مولانا فضل الرحمان مسلم ليگ ن جي سربراهه  نواز شريف سان فون تي  رابطو ڪيو، جنهن دوران ٻنھي اڳواڻن وچ ۾ موجوده سياسي صورتحال تي تفصيلي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ذريعن موجب مولانا فضل الرحمان پنجاب ۽ ڪي پي ڪي ۾ عام چونڊن جي حوالي سان پنھنجي موقف کان ميان نواز شريف کي آگاھ ڪيو . پي ڊي ايم سربراھ ميان نواز نواز شريف کي گڏيل حڪمت عملي ۽ مشاورت تحت فيصلا ڪرڻ  تي زور ڏيندي چيو ته آدمشماري  ۽ نئين تڪبندين کان بغير چونڊون شڪي  ۽ تڪراري ھونديون. مولانا فضل الرحمان مطالبو ڪيو ته وفاقي حڪومت سپريم ڪورٽ ۽ اليڪشن ڪميشن سان بطور ڌر رابطو ڪري. ذريعن مطابق نواز شريف مولانا فضل الرحمان جي مطالبن ۽ تجويزن سان اتفاق ڪيو. نواز شريف ڄاڻايل معامري تي وزير اعظم شھباز شريف ۽ آصف علي زرداري سان ڳالھائڻ جي مولانا فضل الرحمان کي خاطري ڪرائي آھي.