حب (م ڊ) بلوچستان جي علائقي حب چوڪي ۾ شهداءَ پوليس فٽبال ٽورنامينٽ جي فائنل دورن ڌماڪي جي نتيجي ۾ ٽن ٻارڙن سميت 7 ڄڻا زخمي ٿي پيا. مليل اطلاعن موجب حب چوڪي جي الٰه آباد فٽبال گرائونڊ ۾ شهداءَ پوليس فٽبال ٽورنامينٽ جو فائنل جاري هو ته اوچتو ڌماڪو ٿي پيو جنهن جي نتيجي ۾ ميچ ڏسڻ آيل ٻن ٻارن سميت 7 ڄڻا زخمي ٿي پيا. زخمين کي فوري طور تي استعمال پهچائي طبي امداد ڏني وئي. ٻن زخمين کي نازڪ حالت سبب ڪراچي منتقل ڪيو ويو آهي. پوليس جوابدارن جي ڳولا شروع ڪري ڇڏي آهي. وڌيڪ جاچ جاري آهي.