دريا خان مري/ڦل (رپورٽ: عبدالحفيظ پلهه) دريا خان مري ڀرسان ديهه ويسر ۾ جھيڙي دوران فائرنگ، 2 ڄڻا قتل، 2 زخمي. دريا خان مري ڀرسان ديهه ويسر اگھن قبرستان لڳ واٽر ڪورس جي زمين جي معاملي تان جھيڙو ٿي پيو. جھيڙي دوران فائرنگ سبب گوليون لڳڻ سبب ڳوٺ ساجن چانڊيو جو رھواسي محمد صديق چانڊيو موقعي تي مارجي ويو. جڏھن ته ڳوٺ بنگلو محمد امين جويو جو رھواسي نوجوان محمد عزير احمد جويو نواب شاهه اسپتال نيئندي رستي ۾ زخمن جا سور نه سھندي فوت ٿي ويو. جھيڙي دوران گوليون ۽ لٺيون لڳڻ سبب 2 ڄڻا الھڏتو جويو ۽ شھباز جويو سخت زخمي ٿي پيا. دريا خان مري پوليس واقعي واري ھنڌ پھچي فوتي محمد صديق چانڊيو جو لاش سول اسپتال نوشھرو فيروز ۽ فوتي عزير احمد جويو جو لاش رورل ھيلٿ سينٽر دريا خان مري منتقل ڪيو ويو. جڏھن ته زخمين الھڏتو جويو ۽ شھباز جويو کي فوري طور تي رورل ھيلٿ سينٽر دريا خان مري مان فرسٽ ايڊ ڏيڻ بعد ڳڻتي جوڳي حالت ھجڻ سبب نواب شاهه اسپتال منتقل ڪيو ويو. فوتي محمد صديق چانڊيو جو لاش سول اسپتال نوشھرو فيروز مان پوسٽ مارٽم ڪرڻ بعد سندس ڀاءُ غلام مرتضيٰ چانڊيو حوالي ڪيو ويو. جڏھن ته فوتي عزير جويو جو رورل ھيلٿ سينٽر دريا خان مري ۾ پوسٽ مارٽم ڪرڻ بعد لاش وارثن حوالي ڪيو ويو. فوتي جي وارثن پاران لاش وصول ڪرڻ بعد پوليس ڪسٽڊي ۾ ايمبولينس ذريعي لاش ڳوٺ بنگلو محمد امين جويو پھتو ته گھر ۾ ڪھرام مچي ويو. دريا خان مري. ڦل سميت نوشھروفيروز مان وڏي تعداد ۾ پوليس نفري واقعي واري ھنڌ پھچي صورتحال تي ضابطو آندو. جڏھن ته ٻنھي ڌرين ۾ تاءُ پکڙيل آھي. آخري اطلاعن تائين ڪابه گرفتاري عمل ۾ نه اچي سگھي ۽ نه ئي ڪيس داخل ٿي سگھيو. پوسٽ مارٽم ڪندڙ ڊاڪٽر سليم رضا خاصخيلي ٻڌايو ته نوجوان عزير احمد جويو پيٽ، پني ۽ پير ۾ ويجھي کان فائر لڳڻ ۽ گھڻو رت وھڻ سبب فوت ٿيو آھي، پوسٽ مارٽم ڪرڻ بعد لاش وارثن حوالي ڪيو ويو. جڏھن ته ڳوٺ بنگلو محمد امين جويو جي رھواسي محمد صالح جويو ميڊيا سان ڳالھائيندي چيو ته تقريبا 6 مھينا اڳ قبرستان ڀرسان زمين جي معاملي تان کوسا برادري سان جھيڙو ھلندڙ ھو کوسا ۽ چانڊيا برادري جي ماڻھن اسان تي ڪيترائي ڀيرا حملو ڪري اسان جي ماڻھن کي زخمي ڪيو ھو، حملو ڪندڙ جوابدارن خلاف دريا خان مري ٿاڻي تي ايف آءِ آر پڻ داخل ٿيل آھي ۽ مخالفن کوسا برادري جي ماڻھن اسان خلاف 22AB جي ايف آءِ آر داخل ڪرائڻ جي ڪوشش ڪئي جيڪا سندن رد ٿي وئي. کوسا ۽ چانڊيا برادري جي ماڻھن ڪاوڙ ۾ اچي پاڻي جي واري تي ويل منھنجي سئوٽ عزير احمد جويو ۽ منھنجي ڀاءُ سيد احمد جويو تي حملو ڪيو جنهن ۾ 3 ڄڻا زخمي ٿي پيا. حملي آورن جي پنھنجي ئي فائرنگ ۾ ھڪ ڄڻو محمد صديق چانڊيو قتل ٿي ويو