ڪراچي (رپورٽ: اياز بروهي) سنڌ هاءِ ڪورٽ مختلف ضلعن ۾ آئل اينڊ گيس ڪمپنين پاران ڏنل فنڊز جي استعمال تي پي سي ايس پاس ڊپٽي ڪمشنرن جي ڪارڪردگي تي عدم اطمينان جو اظهار ڪندي سنڌ حڪومت کي ڏيڍ ڪروڙ رپين کان وڌيڪ فنڊ وارن ضلعن ۾ پي سي ايس پاس ڊپٽي ڪمشنرن جي مقرري کان روڪي ڇڏيو آهي، عدالت پنهنجي حڪمنامي ۾ چيو آهي ته جن ضلعن ۾ ڪمپنيون ڏيڍ ڪروڙ کان وڌيڪ فنڊز فراهم ڪري رهيون آهن، اتي سي ايس ايس پاس آفيسرن کي مقرر ڪيو وڃي، پي سي ايس پاس ڊپٽي ڪمشنرن پاران فنڊز جي استعمال ۾ ڪافي خاميون نظر آيون آهن. عدالت آئل اينڊ گيس ڪمپنين کان ملندڙ فنڊز مان روڊن جي تعمير تي پابندي لاڳو ڪندي حڪمنامي ۾ چيو آهي ته آئل ڪمپنيز جا ڏنل فنڊز سرڪاري بجيٽ سمجهي نه پر عوام جي ڀلائي لاءِ خرچ ڪرڻا آهن، اهي فنڊ اسپتالن ۾ گهربل ميڊيڪل اوزارن، جنريٽرن، پيئڻ جي پاڻي، بجلي جي فراهمي، پارڪن، راندين جي ميدانن لاءِ استعمال ڪيا وڃن. جڏهن ته عدالت سجاول ۽ بدين جي ڊپٽي ڪمشنرن جو رپورٽون رد ڪري ڇڏيون آهن، عدالت سجاول ۾ فنڊن جي استعمال بابت آڊٽ ڪرائڻ جو حڪم ڏيڻ سان گڏ ڊپٽي ڪمشنر اسماعيل ميمڻ کي فوري طور تي عهدي تان هٽائڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو، عدالت لکت ۾ جاري ڪيل حڪمنامي ۾ چيو آهي ته سجاول ۾ فوري طور تي سي ايس ايس پاس ڊپٽي ڪمشنر مقرر ڪيو وڃي، سجاول ۾ فنڊز جي استعمال ۾ ڪرپشن ٿي آهي، ڪمپنين کان مليل فنڊز ضايع ڪيا ويا آهن. عدالت سنڌ جي ڳوٺن کي بجلي جي فراهمي بابت اڳڀرائي رپورٽ طلب ڪري ورتي آهي، عدالت سنڌ جي سمورن ڊپٽي ڪمشنرن کي نئين اڳڀرائي رپورٽن سان گڏ ذاتي حيثيت ۾ پيش ٿيڻ جو حڪم ڏنو آهي