اسلام آباد (بيورو رپورٽ) وفاقي حڪومت رمضان مهيني دوران سحري ۽ افطاري وقت اڻ اعلانيل بجلي لوڊشيڊنگ نه ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي، وزيراعظم عمران خان رمضان مهيني ۾ عام واهپي جي شين جي دستيابي ۽ مقرر قيمتن جي سخت نگراني ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي، وزيراعظم رمضان مهيني دوران عام واهپي جي شين جي موجودگي ۽ قيمتن جي حوالي سان ٿيل اجلاس دوران اهڙي هدايت ڪئي، وزيراعظم جو چوڻ هو ته رمضان مهيني ۾ ناجائز منافعي خورن ۽ ذخيرا اندوزن خلاف قانوني ڪارروائي کي جاري رکيو وڃي، وزيراعظم هدايت ڪئي ته رمضان ۾ ڪورونا وبا کان بچڻ لاءِ ايس او پيز تي عملدرآمد کي به يقيني بڻايو وڃي، هوڏانهن بجلي وزارت جي ترجمان اعلان ڪيو آهي ته ملڪ اندر سحري، افطار ۽ تراويح جي وقت دوران بنا رڪاوٽ جي بجلي فراهم ڪئي ويندي.