خانپورمهر (ن پ ا) خانپورمهر ويجهو مهر برادري جي ٻن ڌرين ۾ زمين جي مالڪي واري معاملي تان ھلندڙ ڇڪتاڻ کي ختم ڪرڻ لاءِ معصوم ٻارڙن پاران احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو، ان موقعي تي معصوم ٻارڙن محمد شريف مهر، مير حسن، ابل مهر، جاويد علي ۽ ٻين ٻڌايو ته ڇڪتاڻ سبب اسين ٻن سالن کان دربدر ٿي ويا آهيون، جنهن ڪري اسان جي تعليم متاثر ٿي رهي آهي،اسان جا گهر گهر ڊاهيا ويا آهن، هنن مطالبو ڪيو ته فوري ڇڪتاڻ ختم ڪرائي بيچيني ختم ڪئي وڃي.