مٽياري / ڀٽ شاهه(نمائندا)  سينئر سياستدان پ پ سنڌ جي اڳوڻي صدر سينيٽر مرحوم مخدوم خليق الزمان جي پھرين ورسي ھالا ۾ انتھائي سادگي، عقيدت و احترام سان ملھائي وئي. ان سلسلي ۾ سروري جماعت جي روحاني پيشوا مخدوم جميل الزمان وفد جي صورت ۾ درگاهه مخدوم سرور نوح تي پھچي مخدوم خليق الزمان جي مزار تي گلن جي چادر چاڙھي خصوصي دعائون گھريون. مخدوم خليق الزمان جي ورسي جي موقعي تي مخدوم جميل الزمان پنهنجي جاري ڪيل بيان ۾ چيو ته مخدوم خليق الزمان جي وڇوڙي کي ھڪ سال گذرڻ باوجود سندس اسان کان الڳ ٿي وڃڻ تي يقين ئي نه ٿو اچي.  ھن چيو ته اسان جي والد مرحوم مخدوم محمد امين فھيم جي وڇوڙي کانپوء پاڻ اسانجي سياسي رھنمائي ڪئي سندس سياست جي ميدان ۾ ڪيل خدمتون ڪنهن کان به لڪل نه آهن. پاڻ نفيس طبعيت جا مالڪ ھئڻ باوجود ملڪ اندر جمهوريت جي بحالي لاء ملڪ گير ايم آرڊي تحريڪ جي اڳواڻي ڪندي ڪارڪنن سان گڏ جيل جون اذيتون برداشت ڪيون. پاڻ جھموريت جي بحالي خاطر شھيد ڀٽو جي مشن کي اڳتي وٺي ھليا ـ پاڻ پيپلز پارٽي جو سرمايو پارٽي جيالن جي جان رھيا ـ سروري جماعت کي ملڪي سطح تي منظم ڪرڻ ۾ پڻ اھم ڪرادر ادا ڪيو ـ مخدوم خليق الزمان سدائين وفاق جي سياست ڪئي مگر پاڻ سنڌ جي مسئلن لاء سنڌ جي قوم پرست ڪلھو ڪلھي ۾ ملائي جدوجھد ڪئي جنهن مان سندن پنهنجي ڌرتي سان پيار جو سبق ملي ٿو.. ان موقعي تي درگاهه تي قرآن خواني ۽ خيرات جو پڻ انتظام ڪيا ويا ـ