جھول (ن پ ا) جھول واسي سعودي عرب جي رياض شھر ۾ مزدوري ڪندڙ 46 ورھين جو پورھيت عاشق علي ولد حاجي خان عمراڻي  جمع ڏينھن شام ھڪ حادثي ۾   فوت ٿي ويو ، فوتي جي وارثن جي ذريعن موجب فوتي گذريل ٻن ورهين کان سعودي عرب جي رياض شھر ۾  ھڪ ڪمپني ۾ پاڻي جي ٽينڪر تي ھيلپري جي نوڪري ڪندو ڪندو هو، ھو پاڻي جي ٽينڪر مٿان ويٺل ھو ۽ ٽينڪر ڪلٽي ٿيڻ سان ھيٺيان اچي فوت ٿي ويو. فوتي جو تڏو جھول شھر جي وارڊ نمبر پنج  سندس گهر اڳيان وڇايو ويو آهي، فوتي بابت معلو ٿيو آھي  کيس چئن ٻارن جو اولاد ٽي ڌيئر ۽ ھڪ پٽ آھن فوتي جي  تڏي تي ويٺل ھن جي ڀيڻوي منظور عمراڻي رابطو ڪرڻ تي ٻڌايو تہ وزير اعظم پاڪستان ۽ وفاقي سرڪار فوتي جو مڙھ پاڪستان آڻڻ ۾ سندن مدد ڪن تہ جئين ھو سندي پياري جو آخري ديدار ڪري آبائي قبرستان ۾ مٽي ماءُ حوالي ڪري سگھن.