سرحد (ن پ ا )سرحد ويجھو وستي عنايت شاھ ۾ عطائي ڊاڪٽر غلام حيدر ڇڄڻ جي مبينا غفلت سبب مسمات اڪبران زال عبدالجبارڀارو فوت ٿي وئي. عورت جي وارثن خيرمحمد ڀارو، مٺل ڀارو، ميان عبدالرحيم ڀارو جي اڳواڻي ۾ ماٿيلي ۾ پوليس ڪمپلين سينٽر آڏو احتجاج ڪندي چيو ته عورت کي ڊاڪٽر خبر ناھي ڪھڙي انجيڪشن لڳائي جو ھو اتي ئي تڙپي تڙپي فوت ٿي وئي آھي. ھنن مطالبو ڪيو ته ڄاڻايل ڊاڪٽر مٿان اسان جي عورت جو قتل ڪيس داخل ڪيو وڃي ٻي صورت ۾ احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو. جڏھن ته پوليس ڪمپلين سينٽر جي پوليس اھلڪارن ھنن کي انصاف جي خاطري ڪرائي جنھن بعد ھنن احتجاج ختم ڪيو، ھوڏانھن ڊاڪٽر غلام حيدر ڇڄڻ سان رابطي جو ڪوشش باوجود رابطو نه ٿي سگھيو.