مرزاپور (ن پ ا) گذريل رات هٿياربندن مرزاپور جي جوڳي نگر پاڙي ۾ ڪارنهن الزام هيٺ آيل نوجوان وزير جوڻيجو جي گهر تي حملو ڪري ڀاتين تي تشدد ڪري ڏنڊا هڻي نوجوان جي پيءُ ضمير جوڻيجو، ماءُ ڪلثوم ۽ ڀاءُ رحيم بخش جوڻيجو جا مٿا ڦاڙي ڇڏيا، هٿياربندن نوجوان جي پيءُ ضمير جوڻيجو کي ٻنهي ڄنگهن ۾ گوليون هڻي اپاهج ڪري سندس 10سالن جي ڌيءُ سائره جوڻيجو کي اغوا ڪري فرار ٿي ويا، ٻي طرف اطلاع تي ڳاهيجا پوليس پهچي زخمين کي کڻائي اسپتال منتقل ڪيو، ان موقعي تي عورتن ۽ مردن پاران پاڪ ڪتاب کڻي ڪلثوم خاتون، بادشاهه خاتون، ثمينا، مائي مختار، راضل، رحيم بخش، ظهير جوڻيجو ۽ ٻين احتجاجي مظاهرو ڪندي دانهيندي چيو ته اسان جي نوجوان وزير جوڻيجو تي مامن ناحق ڪوڙو ڪارنهن جو الزام مڙهيو آهي، رات جو جوابدارن حملو ڪري تشدد بعد 10سالن جي سائره کي اغوا ڪري ڌمڪيون ڏئي فرار ٿي ويا آهن، هنن ٻڌايو ته ڄاڻايل جوابدارن ڏي اسان جو سڱ رهيل آهي، جيڪو گهرڻ تي جوابدارن الزام مڙهيو آهي، هنن مطالبو ڪيو ته جوابدارن گرفتار ڪري نينگر بازياب ڪرائي وڃي، هوڏانهن ايس ايچ او ڳاهيجا غلام مصطفي’ ابڙو ٻڌايو ته جوڻيجن ۾ ڪارنهن معاملي تان واقعو پيش آيو آهي، ڪيس داخل ڪري گهربل جوابدار جلد گرفتار ڪيا ويندا.