عثمان شاھ ھڙي (ن پ ا) عثمان شاھ ھڙي ويجھو جھنڊو مري ۾ ٻه ڏينهن اڳ جمڙائو ڪئنال ۾ ٻڏي فوت ٿيل ٻئي نينگر جو لاش به هٿ اچي ويو. ان ڏس ۾ سومر واري ڏينهن جھنڊو مري لڳ جمڙائو ڪئنال جي پنج دري وٽ گھمانيو ميگھواڙ جا ٻه پٽ 10 ورهين جو درشن ۽ 8 ورهين جو ڪرشن ميگهواڙ جمڙائو ڪئنال ۾ ٻڏي ويا هئا، جنهن بعد درشن ميگهواڙ جو لاش پاڻي مان ھٿ ڪيو ويو هو، جڏھن ته سندس ڀاءُ ڪرشن ميگهواڙ جو لاش 48 ڪلاڪن جي ڳولا بعد ڪالھه 2 بجي جھنڊو مري ويجھو جمڙائو ڪئنال مان ھٿ آيو آهي. جنھن جو لاش گھر پهچڻ تي ڪهرام مچي ويو، ھر اک آلي نظر آئي. والدين کي بيھوشي جا دورا پئجي رهيا هئا. واقعي کان ڳوٺ اندر سوڳ جو ماحول ڇانئجي ويو . مختيارڪار جهنڊو مري غلام شبير مير جت ٻڌايو ته اسان لاشن جي ڳولا لاءِ ٽوٻا ڪوٽڙي مان گھرائي لاش ھٿ ڪيا آهن.