ملير (رپورٽر) ملير جي ڳوٺ ڪمال خان جوکيو تي چڙهائي واري ڪيس ۾ نامزد بحريا ٽائون جا 6 سڪيورٽي اهلڪار آزاد ٿي ويا آهن، بحريا ٽائون انتظاميا پاران ڪمال خان جوکيو ڳوٺ تي چڙهائي واري معاملي بعد گڏاپ ٿاڻي تي داخل ڪيل ڳوٺاڻي جان شير جوکيو پاران بحريا ٽائون انتظاميا ۽ سيڪيورٽي اهلڪارن خلاف ايف آءِ آر جي ٻڌڻي ملير جي جوڊيشل مئجسٽريٽ 12 جي عدالت ۾ ٿي هئي، ٻڌڻي دوران عدالت دليل ٻڌڻ بعد گرفتار ڪيل 6 سيڪيورٽي اهلڪارن جي 10، 10 هزار رپين عيوض ضمانت منظورڪئي هئي، جنهن بعد گرفتار 6 اهلڪار فراعت، نديم خان، ربنواز، محمد اڪبر، نور محمد ۽ لياقت شاهه کي پوليس آزاد ڪري ڇڏيو آهي.