چونڊڪو (ن پ ا) کينهواري ٿاڻي جي حد ڳوٺ لونگ سهتو ۾پورهيت بچل سهتو کي ڪپڙن کان آجو ڪري تشدد جي وڊيو وائرل ٿيڻ واري واقعي جو ايس ايس پي خيرپور ظفراقبال ملڪ پاران نوٽيس وٺڻ بعد پوليس متاثر پورهيت بچل سهتو جي فرياد تي وهيل جاگيراڻي، غلام اڪبر جاگيراڻي، علي بهر جاگيراڻي، سليمان، سلطان، رياض، محمد بچل، غلام محمد، زاهد، عاشق، صدام جاگيراڻي ۽ چئن نامعلوم ماڻهن سميت جاگيراڻي برادري جي 15ڄڻن خلاف ڪيس داخل ڪري3 ڄڻن کي گرفتار ڪري ورتو. پوليس موجب ٻن جوابدارن سليمان ۽ سلطان جاگيراڻي کي گرفتار ڪيو آهي. ٻڌايو پيو وڃي ته پوليس ٽن جوابدارن کي گرفتار ڪيو آهي جڏهن ٻن جوابدارن جا نالا ظاهر ڪيا ويا آهن ۽ هڪ جوابدار جي گرفتاري ظاهر ناهي ڪئي وئي. سهائتا برادري جي ماڻهن سانگهڙ چونڊڪو روڊ تي خان محمد سهتو، پنهل سهتو، ڪوڙل سهتو جي اڳواڻي ۾ڌرڻو هنيو.اڳواڻن جو چوڻ هو ته وهيل جاگيراڻي بچل سهتو تي پنهنجي واٺن کان بڇ ڪرائي ڪپڙن کان آجو ڪري تشدد بعد زبردستي پيشاب پياري وڊيو ڀري سوشل ميڊيا تي وائرل ڪرائي، بااثر جا ڇاڙتا خاموش رهڻ لاءِ ڌمڪيون ڏئي رهيا آهن. هوڏانهن سهتا برادري جو کينهواري ۾ صحافي خان محمد سهتو جي رهائشگاهه تي ڪٺ ٿيو، ان موقعي تي چڱن مڙسن چيو ته امن پسند آهيون قانون هٿ ۾ ڪونه کڻنداسين، انصاف نه مليو ته هاءِ ڪورٽ وينداسين . ٻئي طرف الزام هيٺ آيل وهيل جاگيراڻي، غلام اڪبر جاگيراڻي احتجاج ڪندي چيو ته بچل سهتو اسان جي ننڍن ٻارڙن سان پاڻي ۾ وهنجندي ڇيڙڇاڙ ڪري رهيو هو، جنهن تان واقعو پيش آيو، وهيل جاگيراڻي چيو ته واقعي واري ڏينهن ڳوٺ ۾ نه ٿيس باقي الزام سڀ بي بنياد آھن