ٽنڊو محمد خان (رپورٽر ) ٽنڊو محمد خان جي 14 سالا شاگرد فرقان راجپوت سان زبردستي بدفعلي جو هڪ وڌيڪ جوابدار محمد يعقوب کينجو پوليس هٿان گرفتار ٿي ويو آهي، بدفعلي ۾ 2 جوابدارن جي گرفتار کانپوءِ 2 ڄڻا اڃا روپوش آهن، ان ڏس ۾ ٽنڊو محمد خان جي شوڪت ڪالوني ۾ بدفعلي جي شڪار 14 سالا شاگرد فرقان راجپوت جي بدفعلي واري واقعي جي هڪ مک ڪردار جوابدار نثار سٺيو جي 2 ڏينهن اڳ ڪيل گرفتاري کانپوءِ وري پوليس هڪ وڌيڪ جوابدار محمد يعقوب کنجيجو کي ڳجهي اطلاع تي هڪ هنڌ ڇاپو هڻي حراست ۾ وٺي سندس گرفتاري ظاهر ڪري ڇڏي آهي ، جڏهن ته واقعي جا 2 جوابدار اڃان تائين روپوش ٿيل آهن.