حيدرآباد(بيورو رپورٽ) حيدرآباد جي حسين آباد پوليس علائقي جي حبيب شاهه ڪالوني تي چڙهائي ڪري آئيس وڪرو ڪرڻ جي الزام هيٺ هڪ عورت کي گرفتار ڪري ورتو. گرفتار عورت جو نالو سائره لاشاري ٻڌايو پيو وڃي. ڇاپي دوران پوليس اهلڪار سنڌ ملاح فورم جي صوبائي جنرل سيڪريٽري ظهور ملاح جي گهر ۾ گهڙي ويا ۽ مبينا طور ظهور ملاح ۽ سندس معصوم پٽ عيان علي کي تشدد جو نشانو بڻايو. پوليس جي گهر ۾ گهڙڻ تي ظهور ملاح احتجاج ڪيو جنهن تي پوليس کيس تحويل ۾ وٺي ٿاڻي تي منتقل ڪيو. اهڙي واقعي خلاف علائقي واسي حسين آباد ٿاڻي تي گڏ ٿي ويا ۽ انهن پوليس خلاف احتجاج ڪرڻ شروع ڪيو. ماڻهن جي احتجاج کانپوءِ پوليس ظھور ملاح کي آزاد ڪري ڇڏيو جنهن کانپوءِ گڏ ٿيل ماڻهن ٻيهر احتجاج ڪندي پوليس خلاف نعريبازي ڪئي. ظهور ملاح جو چوڻ هو ته پوليس منشيات فروشن جي پٺڀرائي ڪري رهي آھي ۽ منشيات فروشن جي آڙ ۾ شريف شھرين کي تنگ ڪيو پيو وڃي. انهن ايس ايچ او کي هٽائڻ جي گهر ڪئي. ٻئي طرف پوليس موقف اختيار ڪيو ته مظاهرين ٿاڻي تي پٿراءُ ڪيو آھي. پوليس اعتراف ڪيو ته اهلڪار غلطي سان ظهور ملاح جي گهر ۾ داخل ٿيا پر اها ڪارروائي منشيات فروش عورت کي گرفتار ڪرڻ لاءِ ڪئي وئي هئي. ماڻھن جي احتجاج جي اطلاع تي علائقي جو ڊي ايس پي به پهتو. آخري اطلاعن تائين مظاهرين ٿاڻي آڏو جمع ٿيل هئا.