نوري آباد (ن پ ا) نوري آباد ويجھو ڳوٺ گودڙ جاکرو جو رھواسي 25 ورھين جو نوجوان علي حيدر جاکرو ولد  علي اڪبر جاکرو جو لاش هٿ آيو، جيڪو گذريل ڏينهن درگاھ حُسين شاھ جھمپير مان گم ٿي ويو ھو، جنھن جو لاش ڪينجھر ڍنڍ مان هٿ ڪيو ويو آھي، مقامي ماڻھن لاش ترندي ڏسي جھمپير پوليس کي اطلاع ڪيو جنھن بعد جھمپير پوليس پھچي مقامي ٽوٻن زريعي لاش ڪڍرائي ورتو  ڪينجھر ڍنڍ ۾ ٻڏي فوت ٿي ويل جوان جي وارثن جو چوڻ آھي ته نوجوان جو دماغي توازن ٺيڪ نه هو جنھن کي مسلسل علاج بعد درگاھ تي ڇڏي آيا ھياسين جتان ھو گذريل ڏينهن گم ٿي ويو ھو ۽ ڪينجھر ڍنڍ ۾  ٻڏي فوت ٿي ويو آھي ڪو ڪيس داخل ن ٿيو لاش ضروري ڪاروائي بعد وارثن حوالي ڪيو ويو لاش گھر پهچڻ تي قهرام مچي ويو