ٺٽو ( رپورٽر ) ٺٽي شهر جي پاڙي مان اطلاع ملڻ تي پوليس نوجوان جي لاش کي هٿ ڪري اسپتال جي ضروري  ڪاروائي بعد وارثن حوالي ڪري چڏيو . ٺٽي شهر جي پاڙي عقيلي ويجھو ٺٽي جي ڪچي آبادي واسي 26 ورهين جي نوجوان علي شير پٽ مينهن ڏنو ملاح جو لاش ملڻ جي اطلاع تي ٺٽو پوليس پهچي لاش تحويل ۾ وٺي سول اسپتال ٺٽو منتقل ڪري ضروري ڪاروائي بعد وارثن حوالي ڪري ڇڏيو. پوليس پوسٽ جي انچارج علي خان راهوجو ٻڌايو ته نوجوان جي لاش وٽان نشي آور سرنج ملي آهي جڏهن ته نوجوان جي وارثن پاران پڻ نوجوان نشي آور سيون هڻڻ جي تصديق ڪندي نوجوان جو مڙھ بنا پوسٽ مارٽم جي کڻائي ويا آهن واضع رهي ته ٺٽي شهر ۾ وڏي پئماني تي نشي آور سين توڙي آئس ۽ ٻئي نشي آور شين جي وڪري عام هجڻ ڪري نئين ٽهي ڏينهون ڏينهن مختلف نشن جي ور چڙهي بي راھ روي جو تيزي سان شڪار ٿي رهي آهي .