ٽنڊوباگو(رپورٽ: انور عباسي) ٽنڊي باگي ۾ ٽن خونن جو جرڳو ڪري 60 لک ۽ 20 ايڪڙ زمين ڏنڊ جي فتويٰ جاري ڪئي وئي، جنهن بعد ڌريون کير کنڊ ٿي ويو. ان ڏس ۾ يونين ڪائونسل  سارنگ فقير ڪلهوڙو جي ڳوٺ محمد حنيف جمالي ۾ جمالي برادري قتل ٿيل ٽن نوجوانن جي قتلن جو پيپلزپارٽي ضلعي بدين جي جنرل سيڪريٽري حاجي سائين بخش جمالي جي سرپئنچي ۾ جرڳو ٿيو. جرگي ۾ صرف جمالي برادري جا نيڪ مرد شامل ٿيا. جرگي واري فيصلي ۾ ٻنهي ڌرين کي کير کنڊ ڪيو ويو. 2012 کان 2021 تائين جمالي برادري جي ٽن ڌرين ۾ هلندڙ تڪرار ۾ قتل ٿيل جمالي ذات جي ٽن نوجوانن جن ۾ ڳوٺ محمد حنيف جمالي ۾ 2012 ۾ قتل ٿيل مراد علي پٽ محمد سليم جمالي،2021 ۾ قتل ٿيل معتبر پٽ فتح جمالي ساڳي سال ۾ قتل ٿيل وقار پٽ بجر جمالي جي قتل ٿيڻ جو برادري سطح تي فيصلو ڪيو ويو. ذريعن وٽان مليل معلومات موجب جرڳي ۾ شامل جمالي برادري جي ماڻهن جي صلاح سان مراد علي جمالي جي خون جو بجر جمالي واري ڌر تي 30 لک روپيا ڏنڊ وڌو ويو، معتبر جمالي جي خون جو مرحوم اسلم جمالي واري ڌر تي 30 لک روپيا ۽ 5 ايڪڙ زمين جو ڏنڊ وڌو ويو، وقار ولد بجر جمالي جي خون جو ڪامران جمالي واري ڌر تي 15 ايڪڙ زمين ڏيڻ جو ڏنڊ رکيو ويو آهي. هن جرگي ٽنڊوباگو کان 15 ڪلو ميٽر پري جمالي فارم تي رکيو ويو هو، جڏهن ته هن جرگي بابت ٽنڊوباگو جي ڪنهن به صحافي کي نه گهرايو ويو هو. رابطو ڪرڻ تي حاجي سائين بخش جمالي جي ترجمان ان ٿيل جرگي جي پڻ تصديق ڪئي آهي.