سکر (بيورو رپورٽ) جمعيت علماءِ اسلام سنڌ جي اڳواڻ مولانا مفتي سعود افضل هاليجوي صوبائي حڪومت پاران تعليمي ادارن ۾ موسيقيءَ جي سکيا ڏيڻ واري فيصلي کي غير شرعي ۽ غير آئيني قرار ڏيندي چيو آهي ته جي يو آءِ اھڙي عمل کي رد ڪري ٿي. اھڙو فيصلو واپس نه ورتو ويو ته سخت احتجاج ڪيو ويندو. جمعيت عهديدارن جي وفد سان ڳالهائيندي هن چيو ته هي ملڪ ڪلمي جي نالي تي حاصل ڪيو ويو ۽ سنڌ باب الاسلام آهي. هتي اهڙي قسم جا فيصلا ناقابل قبول ۽ افسوس جوڳا آهن. ان سان تعليم وڌيڪ تباهه ٿيندي. هن چيو ته سنڌ جو وڏو وزير عمران نيازي جو جانشين بڻجڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي. پ پ حڪومت عوام جا مسئلا حل ڪرڻ بدران تڪراري فيصلا ڪري اصل مسئلن تان عوام جو ڌيان هٽائڻ چاهي ٿي.