مٽياري / ڄامشورو (نمائندا) سروري جماعت جي روحاني پيشوا ۽ پ پ ايم اين اي مخدوم جميل الزمان چيو آهي ته پارٽي ۾ شامل ڪجهه ماڻهو مونکي بليڪ ميل ڪري رهيا آهن، جن کي واضح پيغام ڏيان ٿو ته اگر پارٽي ڇڏڻي اٿو ته ڇڏي وڃو پر آئون اوهانجي بليڪ ميلنگ ۾ نه ايندس، نه ئي اوهان جي پارٽي ڇڏڻ سان ڪو پارٽي کي نقصان ٿيندو. اهڙن خيالن جو اظهار هن اڏيرو لال ۾ ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي ڪيو، هن وڌيڪ چيو ته اسان پنهجي پارٽي سان گڏ بيٺل آهيون پر پارٽي ۾ شامل ڪجهه اسانکي بليڪ ميل ڪري رهيا آهن پر انهن جي ڪنهن به بليڪ ميلنگ نه اينداسين هن چيو ته عوام حقيقي ليڊرن کي سڃاڻي ٿو ۽ عوام اسان گڏ آهي باقي جيڪي پنهنجن کي ئي بيلڪ ميل ڪن عوام انهن کي رد ڪري ٿو. بلاول ڀٽو زرداري ايندڙ وزيراعظم ٿيندو ۽ کيس پهريون ووٽ آئون ڏيندس. هوڏانهن ڄامشوري ۾ اديب دانشور، مخدوم حبيب الله صديقي جي پونئرن سان تعزيت بعد ڳالهائيندي مخدوم جميل الزمان چيو ته فوج خلاف ڳالهائڻ نه گهرجي، مان ان عمل جي مذمت ٿو ڪيان، فوج اسان جي سرحدن جي محافظ آهي، ان خلاف ڳالهائڻ غلط آهي، پاڪستان جو آرمي چيف ڪير ٿو ٿئي، اها آرمي جا ڪور ڪمانڊر فيصلو ڪندا، هي قانون مٽجڻ کپي، سياستدانن کي وچ ۾ آڻڻ نه کپي، موٽر وي جي زمين جي خريداري لاءِ مختص رقم ۾ ڪرپشن جي اڻ ڌري جاچ ٿيڻ گهرجي، اها ڪرپشن مٽياري کان نڪري ٻين ضلعن ۾ به ظاهر ٿي رهي آهي. آئون پاڻ مضبوط جاچ چاهيان، جيڪو به هٿ ملوث آهن انهن کي وائکو ڪبو، منهنجو  مٽياري ضلعو سڄو تباهه ٿي چڪو آهي، روڊن رستن لاءِ جيڪي پيسا اچن ٿا اهي خرچ ٿيڻ کپن.