ڪراچي (م ڊ) پي ٽي آءِ وومين ونگ جي مبينا آڊيو سامهون آئي آهي، تحريڪ انصاف جي اڳوڻي پنجاب اسيمبلي ميمبر فرح آغا جي عورت ميمبرن سان جي ايچ ڪيو راولپنڊي تي حملي بابت آڊيو سامهون آئي آهي جنهن ۾ عورت اڳواڻ جي ايچ ڪيو ڏانهن وڃڻ جون ڳالهيون ڪري رهيون آهن، آڊيو ۾ پي ٽي آءِ جي اڳوڻي ايم پي اي فرح آغا، اڳوڻي ايم اين اي ڪنول شوزب، سبرينا، سماويه ستي، فرخنده جو ذڪر ٿئي ٿو ۽ انهن کي ڳالهائيندي ٻڌي سگهجي ٿو، فرح آڊيو ۾ سبرينا کي چوي ٿي ته شانزي جو چوڻ آهي ته انٽرنيٽ بند ٿيڻ واري آهي ڪنول شوزب چيو آهي ته هاڻي جي ايچ ڪيو پهچڻو آهي آئون نڪري آئي آهيان ڇو ته ميڊم ڪنول به نڪري آئي آهي، فرح آڊيو ۾ چوي ٿي ته ڪنول چوي ٿي ته اوهان کي به جي ايچ ڪيو جي طرف اچڻو آهي،فرح وڌيڪ چوي ٿي ته فيض آباد ڏانهن مرد وڃن پيا  اسان کي جي ايچ ڪيو ڏانهن وڃڻو آهي،هڪ ٻي آڊيو ۾ فرح کي فرخنده سان ڳالهائيندي ٻڌي سگهجي ٿو جنهن ۾ فرح چوي ٿي ته لياقت باغ واري جاءِ آهي نه اتي شيلنگ ٿي رهي آهي پوليس ۽ ڇوڪرن ۾ چڪريون هلي رهيون آهن صدر وڃڻ جو ڪو به رستو ناهي، فرح چوي ٿي ته فيض آباد ۾ راشد حفيظ آهي، شفيق آهي ۽ سماويه آهي ڌڪا ڏئي واپس ڪري رهيا آهن سماويه هيروئن بڻجي وئي آهي اڳتي وڃي رهي آهي.