اسلام آباد (بيورو رپورٽ + م ڊ) پي ٽي آءِ اڳواڻن پاران پارٽي ڇڏڻ جو سلسلو جاري، فواد چوڌري سوڌو وڌيڪ 4 اڳواڻ پي ٽي آءِ ڇڏي ويا، اسد عمر رڳو پارٽي عهدا ڇڏڻ جو اعلان ڪيو. پي ٽي آءِ جي جنرل سيڪريٽري اسد عمر آزادي کانپوءِ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته آئون پارٽي جي جنرل سيڪريٽري جي عهدي ۽ ڪور ڪاميٽي جي رڪنيت تان استعيفا ڏئي رهيو آهيان، 9مئي تي ٿيل واقعن جي مذمت ڪريان ٿو، اسد عمر چيو آهي ته 9مئي جي واقعن جي شفاف جاچ ٿيڻ گهرجي، ملوث ماڻهن خلاف سخت ڪارروائي ڪئي وڃي، سڀ کان خطرناڪ ڳالهه اها آهي ته واقعن دوران فوجي ٺڪاڻن کي نقصان پهچايو ويو، هزارين ڪارڪن حراست ۾ آهن، جنهن ۾ ڪيترائي بيگناهه آهن، 1971 ۾ بنگلاديشن ٺهڻ وقت به ملڪ ۾ اهري صورتحال نه هئي جيڪا هن وقت آهي، قوم کي بحران مان ڪڍڻ سياسي ليڊر شپ جي ذميواري آهي، چيف جسٽس بار بار چئي رهيو آهي ته پاڻ ۾ ڳالهيون ڪري رستو ڪڍو، ان لاءِ تحريڪ انصاف کي ذميواري نڀائڻ گهرجي، صحافين جي سوال تي اسد عمر چيو ته پارٽي نه پر رڳو عهدا ڇڏي رهيو آهيان. پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان جو ويجهو ساٿي ۽ پي ٽي آءِ جو سينئر نائب صدر فواد چوڌري به راهون جدا ڪري ويو، فواد چوڌري پارٽي عهدي تان استعيفا ۽ عمران کان راهون ڌار ڪرڻ جو اعلان ڪيو ۽ سياست تان به هٿ کڻي ويو، سماجي رابطن واري ويب سائيٽ ٽوئيٽر تي جاري ڪيل بيان ۾ فواد چوڌري چيو ته پارٽي عهدي تان استعيفا ڏئي چڪو آهيان ۽ عمران خان کان راهون جدا ڪري ورتيون آهن،  ڪجهه وقت سياست کان به وقفو وٺي رهيو آهيان، هن چيو ته ته 9 مئي تي پُرتشدد واقعن جي غير مشروط مذمت ڪريان ٿو. جڏهن ته چوڌري وجاهت جو پُٽ حسين الاهي به پي ٽي آءِ کان ڌار ٿي ويو، لنڊن ۾ پريس ڪانفرنس دوران ق ليگ ۾ واپسي جو اعلان ڪيو، حسين الاهي جي والد چوڌري وجاهت گذريل ڏينهن ق ليگ ۾ شموليت ڪئي هئي، حسين الاهي چيو ته پي ٽي آءِ سان اتحاد ختم ڪري رهيو آهيان. هوڏانهن سوات مان چونڊيل پي ٽي آءِ جي اڳوڻي ايم اين اي ڊاڪٽر حيدر علي به پارٽي ڇڏڻ جو فيصلو ڪيو آهي، ذريعن موجب ڊاڪٽر حيدر علي پي ٽي آءِ ڇڏڻ جو اعلان اڄ ڪندو ، ملتان مان پي ٽي آءِ جي اڳوڻي ايم پي اي سليم لابر به پارٽي ڇڏڻ جو اعلان هن چيو ته فوج سان گڏ آهيان، 9مئي واقعي جي مذمت ڪريان ٿو، اڳوڻي ڪي پي اسيمبلي ميمبر ناديه شير علي به پارٽي ڇڏڻ جو اعلان ڪيو، ان کان اڳ گذريل ڏينهن شيرين مزاري، فياض الحسن چوهاڻ جليل شرقپوري، عبدالرزاق خان نيازي، سليم بريار، بلال احمد غفار ۽ عمر عماري به پارٽي ڇڏڻ جو اعلان ڪيو هو.