اسلام آباد (بيورو رپورٽ)وفاقي ڪابينا 9 مئي جي واقعن ۾ ملوث عنصرن سان ڪا به رعايت اختيار نه ڪرڻ واري پاليسي اختيار ڪرڻ جو فيصلو ڪري ورتو، ڪابينا يوريا جي امپورٽ لاءِ 5 ارب 57 ڪروڙ ۽ ٻوڏ ۾ تباهه ٿيل روڊن جي مرمت لاءِ هڪ ارب 66 ڪروڙ جي گرانٽ جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي، وزيراعظم شهباز شريف جي صدارت ۾ وفاقي ڪابينا جو  جلاس ٿيو، اجلاس ۾ 9 مئي جي واقعن تي گهرو مامرن جي وفاقي سيڪريٽري تفصيلي بريفنگ ڏني، ڪابينا جي اجلاس ۾ 9 مئي جي پرتشدد واقعن، پاڪ فوج جي ملڪيتن تي حملن جي وڊيو ڪلپس به ڏيکاري وئي، وزيراعظم ۽ وفاقي وزيرن وفاقي گهرو وزير کان سوال به ڪيا، ذريعن ٻڌايو آهي ته گهرو وزير رانا ثناءُ الله ڪابينا کي ٻڌايو ته ڪنهن کي به ناجائز ۽ ناحق گرفتار نه پيو ڪيو وڃي، گرفتاريون چهرن جي تصديق بعد عمل ۾ آنديون پيون وڃن، ذريعن مطابق وفاقي ڪابينا 9 مئي جي واقعن جي هڪ ڀيرو وري شديد مذمت ڪندي انهن واقعن ۾ ملوث عنصرن کي ڪا به رعايت نه ڏيڻ جو فيصلو ڪيو آهي، وفاقي ڪابينا اي سي سي جي ٿيل اجلاسن جي فيصلن جي منظوري ڏيندي 2022ع جي ٻوڏ ۾ متاثر ٿيل روڊن جي مرمت لاءِ هڪ ارب 66 ڪروڙ، يوريا جي امپورٽ لاءِ 5 ارب 57 ڪروڙ ۽ سڌ سماءَ وزارت لاءِ 55 ڪروڙ جي گرانٽ منظور ڪئي آهي، سڌ سماءَ وزارت اشتهاري مهم تي اها رقم خرچ ڪندي، ڪابينا ميجر جنرل (ر) حفيظ الرحمان کي ميمبر پي ٽي اي مقرر ڪرڻ جي منظوري ڏني آهي. اجلاس بابت جاري ڪيل پڌرائي ۾ چيو ويو آهي ته ڪابينا کي ٻڌايو ويو ته 9 مئي تي پوري ملڪ ۾ ٿيل شرپسندي ۾ ملوث ماڻهن جي 95 سيڪڙو سڃاڻپ مڪمل ڪئي وئي آهي، جن مان 60 سيڪڙو ماڻهن کي گرفتار به ڪيو ويو آهي، 9 مئي تي تحريڪ انصاف جي شرپسندن عام شهرين ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي اهلڪارن کي زخمي ڪيو، پاڪستان پينل ڪوڊ ۽ دهشتگردي ايڪٽ تحت ڪيس داخل ڪيا ويا آهن، صرف اهڙن ماڻهن کي آرمي ايڪٽ تحت ڪٽهڙي ۾ آندو ويندو جن بابت مڪمل ثبوت موجود آهن ته اهي حساس ملڪيتن تي حملن ۾ ملوث آهن. ڪابينا مختلف دوست ملڪن ۾ پي ٽي آءِ جي پروپيگنڊا جو موثر جواب ڏيڻ جي به هدايت ڪئي، وزيراعظم اجلاس دوران لاڳاپيل ا دارن کي هدايت ڪئي ڪنهن به معصوم شهري کي 9 مئي جي واقعن ۾ گرفتار نه ڪيو وڃي.